مان موجوده مقام پنهنجو اعتماد بحال ڪندي ٺاهيو: ڪنگنا رناوت

لنڊن (شوبز نيوز) اداڪاره ڪنگنا رناوت جيڪا 10 سالن دوران پنهنجي پرفارمنس سبب بالي ووڊ ۾ سپر اسٽار جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي چڪي آهي سندس چوڻ آهي ته عورتن کي جو هو ڪرڻ چاهي ٿي ان لاءِ ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه هئڻ گهرجي هڪ وقت هو جڏهن مون تي چٿرون ڪيون ويون پر مان پنهنجو اعتماد بحال رکندي پاڻ کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ موجوده مقام تائين پهچي ويس اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن ۾ ڪوٺايل عورتن جي عالمي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو ڪنگنا جو چوڻ هو ته بالي ووڊ هجي يا ان جو ڪٽنب کيس هر هنڌ تي بيشمار رنڊڪون آڏو اچن ٿيون ۽ ان جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ويو پر هن ان جي ڪائي پرواهه نه ڪئي ڇو ته مان ان ڳالهه جي ڪائل آهيان ته عورتن کي پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ ڪنهن کان اجازت وٺن جي ضرورت نه هئڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *