ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي مان استعيفائون واپس وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) متحده قومي موومينٽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان استعيفائون واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،متحده جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي اسحاق ڊار ۽ فاروق ستار مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ استعيفائون وٺڻ جو اعلان ڪيو. اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته ڪميٽي کي 90 ڏينهن ۾ شڪايتن تي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام جو هجڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڪراچي جي حوالي سان شڪايتن کي ڪميٽي ختم ڪندي. ناڻي جي وزير چيو ته ڪراچي آپريشن ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي شروع ڪيوويو. هن چيو ته متحده استيعفائون واپس وٺڻ جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته سينيٽ مان ايم ڪيو ايم سومر ڏينهن استعيفائون واپس وٺندي. ناڻي جي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم جو سنڌ ۾ وڏو ووٽ بينڪ آهي. هن چيو ته فضل الرحمان متحده سان ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته اسان ڪنٽينر وارن سان به ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته اسان مفاهمت جي سياست تي يقين رکون ٿا. هن واضح ڪيو ته چاهيون ٿا ته متحده پارليامينٽ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايندڙ هفتي کان استعيفائون واپس وٺڻ شروع ڪنداسين. هن تصديق ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن اسان جي مطالبي تي شروع ٿيو. هن چيو ته ڪوشش آهي ته ڪراچي مان دهشتگردي جو خاتمو آندو وڃي. فاروق ستار چيو ته خواهش آهي ته ڪراچي مان ڏوهارين جو مڪمل خاتمو آندو وڃي. هن چيو ته ڪراچي آپريشن سان امن قائم ٿيندو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪيون ٿا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اسان آئيني جي پاسداري لاءِ حلف کنيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *