قومي خزاني ۾ 68 ڪروڙن جو گهوٻيون: نيب سکر پنو عاقل برانچ جي 4 آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو

سکر (اي پي پي) نيشنل اڪائونٽيبلٽي بيورو ( نيب) سکر نيشنل بينڪ سٽي پنو عاقل جي چئن آفيسرن کي قومي خزاني کي 680 ملين روپين جو نقصان پهچائڻ تي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل مطابق  مقدمي نمبر 16.2014 تحت سيد لال شاهه ولد سيد جان محمد شاهه، بشيراحمد ولد گلاب، ڪفايت ولد عنايت شيخ ۽ نصرت حسين شاهه ولد شوڪت علي شاهه کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي ان کان اڳ ملزمن  ڪراچي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي هئي جيڪا 07 آڪٽوبر 2015 تي خارج ڪئي وئي. جنهن تي احتساب ڪورٽ  سکر چئني ملزمن کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *