ايشز جو پاڪ-ڀارت سيريز سان ڪوبه مقابلو ناهي: وسيم اڪرم

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ منصوبابندي جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صرف هڪ هفتو پهريان ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو ويندو آهي، مصباح ۽ يونس خان کانپوءِ پاڪستان ٽيسٽ ۾ هيٺين درجي جي ٽيم بڻجي وئي آهي. هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته ماضيءَ کي نظر ۾ رکندي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ هاڻي حڪمت عملي نظر نٿي اچي جهڙي طرح هڪ شاعر کي شعر جي آمد ٿيندي آهي، اسان جي ڪرڪيٽ آرگنائيزرن کي به اوچتو ٽورنامينٽ جي آمد ٿيندي آهي، اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. وسيم اڪرم ٽيسٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته مصباح ۽ يونس خان کانپوءِ پاڪستان هيٺين درجي جي ٽيم بڻجي وئي آهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته ايشز جو پاڪ ڀارت سيريز سان ڪوبه مقابلو ناهي، ايشز کي چار پنج ملين ماڻهو ڏسندا آهن پر پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ هڪ ارب انسان بيتاب ٿي ويندا آهن. ان عمراڪمل کي مشورو ڏيندي چيو ته عمراڪمل کي ميڊيا بدران صرف بيٽنگ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *