پاڪستان لاءِ ٻه هزار سترهن هر لحاظ کان بهترين رهيو: آءِ سي سي چيئرمين

نئين دهلي: آچر 31 ڊسمبر 2017: آءِ سي سي چيئرمين ششانڪ منوهر 2017ع کي پاڪستان لاءِ بهترين سال قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هڪ خابرو اداري سان ڳالهائيندي ششانڪ منوهر چيو ته سريلنڪن ٽيم تي 2009ع تي حملي کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ جا دروازا ڪيترن ئي سالن تائين بند رهيا، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم ڀارت کي آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي جي فائنل مئچ ۾ شڪست ڏئي نه رڳو ٽرافي کٽي ورتي پر ڪرڪيٽ جي دنيا جو پاڻ ڏانهن زبردست ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب رهي.هن اهو پڻ چيو ته اهو ئي سبب آهي جو آءِ سي سي جي ورلڊ اليون پاڪستان جو دورو ڪيو، ان دوران سرفراز اليون ٽي-20 سيريز پنهنجي نالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته جنهن ملڪ جي ٽيم تي حملو ڪيو ويو، اها ئي ٽيم پاڪستان جي سرزمين تي هڪ ٽي-20 مئچ کيڏي دنيا ڏانهن مثبت پيغام ڏئي ڇڏيو.ششانڪ منوهر چيو ته آئون پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پي سي بي جي ورتل ڪوششن جي ساراهه ڪريان ٿو، ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏئي آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *