ايس ايس پي اظفر مهيسر کي هٽايو ويو ، خدمتون وفاق حوالي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي اوڀر جي ايس ايس پي اظفر مهيسر کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد يوسف ٺيلهي والا جي ويڊيو اسڪينڊل کانپوءِ اظفر مهيسر کي عهدي تان هٽايو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. پوليس جي حراست ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان مبينا ملاقات جي دعويٰ ڪئي هئي. اظفر مهيسر کي صوبي بدر ڪندي سندس خدمتون وفاق حوالي ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *