طلاق کانپوءِ جينيفر آنسٽن طلاق يافتا مرد سان محبت جي خواهشمند

 

ڪراچي (شوبز نيوز) گذريل مهيني آڪٽوبر ۾ سوشل شيئرنگ ايپلي ڪيشن انسٽاگرام تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي رڪارڊ ٺاهيندڙ 50 سالن جي جينيفر آنسٽن بابت اطلاعن آهن ته هو طلاق جي هڪ سال کانپوءِ طلاق يافتا اداڪار جوني ڊيپ سان محبت جي خواهشمند آهي. جينيفر آنسٽن گذريل سال جنوري ۾ 42 سالن جي اداڪار جسٽن ٿيوروڪس کان طلاق ورتي هئي. برطانوي اخبار انٽرنيسنل بزنس ٽائمز موجب گذريل مهيني کان خبرون آهن ته جينيفر آنسٽن لينارڊو ڊي ڪيپريو ۽ جوني ڊيپ سان لاڳاپا رکڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. رپورٽ موجب شروعاتي طور تي گذريل سال جينيفر آنسٽن پنهنجي دوستن کي چيو هو ته هو سندس اداڪار لينارڊو ڊي ڪيپريو سان ملاقات جو انتظام ڪن ڇو ته هو ان ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي آهي. جڏهن ته ان کانپوءِ جينيفر آنسٽن جي ويجهن ذريعن انهن خبرن کي ڪوڙ قرار ڏنو ۽ چيو ته اداڪارا اهڙي ڪا ڳالهه ناهي چئي ۽ هو لينارڊو ڊي ڪيپريو ۾ دلچسپي نٿي رکي. ان کانپوءِ اهي خبرون هيون ته جينيفر آنسٽن 2017 ۾ زال امبر هيرڊ کي طلاق ڏيندڙ اداڪار جوني ڊيپ سان لاڳاپا رکڻ چاهي ٿي. آءِ بي ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته جينيفر آنسٽن اصل ۾ هڪ اهڙي مرد سان لاڳاپا رکڻ چاهي ٿي جيڪو هر وقت سندس نگراني نه ڪري ۽ هو ڪنهن سيڪيورٽي گارڊ جيان سندس پيڇو نه ڪري. اداڪارا جي ويجهن ذريعن ٻڌايو ته جينيفر آنسٽن اداڪار جوني ڊيپ کي سٺو شخص سمجهي ٿي ۽ ان حوالي سان سمهي ٿي ته هو به سندس جيان طلاق يافتا زندگي گذاري رهيو آهي. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ماضي ۾ جينيفر دوست جوني ڊيپ سان ملاقات لاءِ چيو هو پر سندن ملاقات نه ٿي سگهي هئي ۽ اداڪارا هاڻي ساڻس ملاقات جي خواهشمند ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *