اوقاف ۽ ثقافت کاتي ۾ اختلاف، قيوم سومرو ۽ شرميلا فاروقي پاران ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي جو ٻه ڀيرا 2 چادرون چاڙهي افتتاح

ڀٽ شاهه(رپورٽر) ڀٽ شاهه جي ميلي تان اوقاف ۽ ثقافت کاتن ۾ اختلاف، ٻه ڀيرا چادرون چاڙهي ڌار افتتاح ڪيو ويو،پهريون افتتاح اوقاف کاتي جي صوبائي صلاحڪار عبدالقيوم سومرو صبح 8 وڳي ڪيو ۽ جنهن کانپوءِ ثقافت کاتي جي صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي کاتي جي دعوت نامي ۾ مقرر ڪيل وقت کان هڪ  ڪلاڪ اڳ درگاهه تي پهچي چادر چاڙهي ۽ عرس مبارڪ جي تقريبن جو افتتاح ڪيو. جڏهن ته درگاهه ڀٽائي جي گادينشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي ٻنهي صوبائي صلاحڪارن کان اڳ ڪالهه رات ئي ڀٽ ڌڻيءَ جي مزار تي چادر چاڙهي شاهه سائينءَ جي 272 هين عرس مبارڪ جي تقريبن جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *