پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي نئين سر جاچ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) خاص عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي نئين سر جاچ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ گڏيل جاچ ڪميٽي جوڙڻ واري درخواست رد ڇڏي ۽ ايف آئي اي کي نئين سر جاچ جو حڪم ڏنو،عدالت اها به هدايت ڪئي آهي ته ڪيس جي جاچ پوري ڪري 17 ڊسمبر تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت پنهنجو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته ڪيس جي مرڪزي ڏوهاري پرويز مشرف سوڏو ٽن شريڪ ڏهارين اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير زاهد حامد جا بيان قلمبند ڪري 17 ڊسمبر تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن رپورٽ پوري نه ٿئي ته ان مدي دوران ٿيندڙ اڳڀرائي بابت عدالت کي ٻڌايو وڃي، عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ قرار ڏنو ته غداري ڪيس جي جاچ ايف آئي اي ئي ڪندي، ڇو ته هي وفاق جو معاملو آهي ۽ جيڪڏهن ايف آئي اي عدالت ۾ هن مهل تائين پيش ڪيل رڪارڊ جو جائزو وٺڻ چاهي ته ان کي اها به اجازت هوندي، واضح هجي ته غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف جي وڪيل بيرسٽر فروغ نسيم گڏيل جاچ ٽيم ٺاهڻ جي درخواست ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *