امداد شاهه جي پارٽي ۾ شموليت جي آجيان، پ پ قيادت کان ڪارڪنن تائين تاريخ رت سان رڱيل آهي: نثار کهڙو

حيدرآباد (اي پي پي) سيد امداد علي شاهه ڄاموٽ پنهنجن ساٿين سميت پي ٽي آئي کي ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي ان سلسلي ۾ گذريل رات دير سان مٽياري ڀرسان سيد امداد علي شاهه ڄاموٽ جي رهائشگاهه واقع   جيئندل ڪوٽ ۾ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ تعليم واري سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو ته امداد علي شاهه ڄاموٽ جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت سان پارٽي مضبوط ٿيندي هن چيو ته پ پ پ هڪ عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي اهو ئي سبب آهي جو اڄ سوين ماڻهو ٻيون سياسي جماعتون ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن جڏهن ته قيادت کان وٺي ڪارڪن تائين پارٽي جي تاريخ رت سان رنڱيل آهي ۽ رت جي آبياري سبب ئي اڄ تائين زنده آهي هن چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ڇاڪاڻ ته اهو ئي گهر آهي ۽ اهو ئي نالو آهي جنهن جا وڏا پ پ پ جي محبوب قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا ساٿي هئا ۽ پ پ پ جي بانيڪارن ۾ شامل هئا هن چيوته ڀٽو صاحب سدائين غريب عوام کي اڳيان آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم اڳواڻ هو جنهن جي سوچ غريبن جي خدمت ڪرڻ هئي هن چيو ته ڀٽو صاحب جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو به پنهنجي سڄي زندگي غريب عوام لاءِ جاکوڙيندي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي هن چيو ته اليڪشن اچڻي وڃڻي شيءَ آهي پر پ پ پ ڪڏهن به آمرن جي حمايت نه ڪئي آهي، هن چيو ته هن وقت امداد علي شاهه ڄاموٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ هاڻي سندس اها ذميواري آهي ته هو مڪاني ادارن وارين چونڊن ۾ پ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جون استيعفا واپس وٺڻ ۽ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن. انهن کي مستعفي نه سمجهڻ گهرجي. مٽياري ۾ استادن کي پگهارون نه ملڻ جي حوالي سان پڇيل سوال تي هن چيو ته سال 2012 ۾ جيڪي استاد ڀرتي ڪيا ويا هئا ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته تازو ڀرتي ڪيل 17 هزار اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استاد جيڪي ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن جي پگهارن جو ڪو به مسئلو نه آهي هن چيو ته پ پ پ هميشه روزگار ڏيندي آهي پر ڪنهن کان روزگار کسيندي نه آهي   هن وقت اليڪشن ڪميشن پاران ڀرتين تي پابندي مڙهيل آهي ۽ چونڊن واري مرحلي کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو نيئن تڪبندين جي حوالي سان هن چيو ته سمورين تڪبندين تي اعتراض نه آهن 80 يا 90 تڪبندين اعتراض داخل ڪيا ويا آهن جنهن لاءِ سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي آهي .   ڪرپشن ۽ بدامني جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو نه آهي جنهن جو وڏو ثبوت اهو آهي ته سنڌ ۾ واپار جي   رجحان ۾ اضافي سميت صنعتون قائم ٿي رهيون آهن جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پڻ فراهم ٿي رهيا آهن   ۽ ماڻهن جي قوت خريد ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي   هن بدعنواني جي حوالي سان چيو ته   الزام ته هر ڪنهن تي لڳائي سگهجي ٿو پر انهن الزامن کي ثابت ڪرڻ لاءِ   عدالتون کليل آهن ۽ بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن کي عدالتون ئي سزائون ڏئي سگهن ٿيون امن امان جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ ۾ امن واري صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي   پ پ پ ۾ ڌڙا بندي جي حوالي سان هن چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو بلدياتي چونڊون پارٽي بنيادن تي ٿي رهيون آهن جنهن جو ڪريڊٽ پڻ   پ پ پ   ڏانهن وڃي ٿو. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ سيد امداد علي شاهه ڄاموٽ چيو ته ماضي ۾ کيس نظر انداز ڪيو ويو جنهن ڪري هن مجبور ٿي پي ٽي آئي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي پر هن وقت پنهنجن ساٿين جي مشاورت سان پ پ پ ۾ غير مشروط شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ هاڻي سندس مرڻ جيئڻ پ پ پ سان آهي ان موقعي تي ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄامو ٽ ، ايم اين اي شگفته جماڻي ، ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان کان علاوه پ پ پ جي مقامي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو   ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *