ڪالا باغ ڊيم رٿا مئل گهوڙو آهي جنهن کي اٿاري حڪومت کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم مئل گهوڙو آهي جنهن جي ذريعي حڪومت کي ڦاسايو پيو وڃي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪالا باغ ڊيم واري رٿا کي ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلين رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا جي ڳالهه ڪرڻ وارا بيوقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا. وزيراعظم جي آمريڪا واري دوري بابت ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف کي دوري لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي هان. قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته، وزيراعظم نوازشريف کي امريڪا جي دوري دوران ڀارت واري معاملي سميت پاڪ-ايران گيس پائپ لائن واري مسئلي تي به ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. مڪاني چونڊن جي حوالسي سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته لوڪل باڊيز واري اليڪشن ۾ هميشا حڪمران پارٽي ئي ڪامياب ٿيندي آهي. هن چيو ته سنڌ اندر مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي رهي آهي، پر عوام ووٽ ان کي ڏيندو آهي جيڪو سندن مسئلا حل ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *