الزامن واري سياست ڪندڙن جي ڄنگهون ڇڪڻ واري خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي: وزيراعظم

ڪوٽلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم ميان نواز شريف، هڪ ڀيرو ٻيهر 2017ع تائين بجلي جِي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻڻ جو اعلان ڪندَي چيو آهي ته قوم سڀ ڪجهه ڏسي رهي آهي، الزامن واري سياست ڪندڙن جِي ڄنگهون ڇڪڻ واري خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. آزاد ڪشمير جَي علائقي ڪوٽلي ۾ گل پور پن بجلي جو بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندَي وزيراعظم چيو ته 48 ڪلاڪن کانپوءِ نتيجا مڃڻ کان انڪار سمجهه کان ٻاهر آهي. نواز شريف چيو ته قوم ڏسي رهي آهي ته ڪير تعميري ۽ ڪير ناڪاري سياست ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪپتان حقيت کي تسليم ڪرڻ بدران الزامن جو سهارو وٺي رهيو آهي، جنهن مان کيس ڪجهه به نه ورندو. ميان نواز شريف چيو ته نون ليگ حڪومت جون ڄنگهون ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اهڙي حرڪت ڪندڙ کي ڪجهه به پلئه نه پوندو. اوڪاڙا واري ننڍي چونڊ بابت ڳالهائيندي وزيراعظم اعتراف ڪيو ته اوڪاڙه ۾ غلط اميدوار کي ٽڪيٽ ڏني وئي، جنهن سبب نون ليگ کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. پن بجلي منصوبي بابت نواز شريف چيو ته منصوبي جو 33 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 48 مهينن اندر منصوبو مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته خانگي شعبي جي سهڪار سان هلندڙ بجلي واري منصوبي تي 31 ڪروڙ رپيا خرچ ايندا. ميان نواز شريف چيو ته نون ليگ سرڪار 12 ڪلاڪن واري لوڊشيڊنگ کي 8 کان 6 ڪلاڪ تي آندو آهي، جيڪا وڏي ڪامياب آهي. وزيراعظم چيو ته منصوبن کي ڪامياب بڻائي 2018ع تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل طور خاتمو آندو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *