اقتصادي راهداري منصوبي جي پ پ به حامي!

گذريل ڏينهن اخبار جي سرخين ۾ پ پ چيئرمين به پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي فائدن جو اعتراف ڪيو آهي، چين جي گاديءَ واري شهر بيجنگ ۾ شاهراهه ريشم بابت ايشيا جي سياسي پارٽين جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو ته چين ۽ پاڪستان هڪٻئي جا قدرتي واپاري اتحادي ملڪ آهن پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ چين کي قدرتي واپاري اتحادي به قرار ڏنو، ۽ وراڻيو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ انقلابي تبديلي ايندي، دهشتگردي جي معاملي تي به پ پ چيئرمن واضح چيو ته خطي جي ترقيءَ لاءِ دهشتگرديءَ جي ناسور کي به گڏيل طور منهن ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري،ان موقعي تي پاڪستان اندر امن امان جي صورتحال بابت خدشن جو به خاص طور ذڪر ڪيو ۽ چيو ته خطي جي ترقيءَ لاءِ دهشتگرديءَ جي ناسور کي منهن ڏيڻ لاءِ چين سميت ٻين ملڪن کي پاڪستان جو ساٿ ڏيڻو پوندو، انڪري گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن، . پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري اميد ڏيکاري ته خطي ۾ امن لاءِ چين جو افغانستان سميت ٻين ملڪن ۾ مثبت ڪردار بهتر نتيجا آڻيندو، جنهن سان خطي جي ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي، پ پ چيئرمين جو اهو به چوڻ هو ته گوادر کان ڪاشغر تائين پاڪ – چين اقتصادي راهداري وارو منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد پاڪستان جي، اقتصادي ترقيءَ جي شرح ۾ 15 سيڪڙو تائين واڌ ٿيندي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي صوبي ٿر ۾ جاري ٿرڪول رٿا به علائقي جي ترقيءَ لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. . هن واضح ڪيو ته ڪوبه ملڪ دهشتگرديءَ کي اڪيلي سر منهن نه ٿو ڏئي سگهي، . بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي پاڪ – چين گڏيل سهڪار سان جاري منصوبن توڙي پ پ جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو خاص ذڪر پڻ ڪيو.

هتي ان ڳالهه جو ذڪر به ضرور هئڻ گهرجي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي افاديت جي سڀ حلقا تعريف ڪري رهيا آهن پر جن ڌرين کي ان منصوبي جتي خدشا آهن رياست سڳوري کي اهو به ختم ڪرڻ گهرجن، جيستائين ڪنهن منصوبي تي گڏيل اتفاق نه هوندو ته لاڀ ڏيندڙ منصوبو ته بي لاڀائتو ٿيندو، ان ڪري سرڪار سڳوري کي ان طرف ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *