اسان کي اڪيلو ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ پاڻ اڪيلا ٿيندا پيا وڃن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي نئين مصرتن سان هم ڪنار آهي، اسان کي اڪيلو ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ خود اڪيلو ٿي ويا آهن، هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڄ 23 مارچ جي پريڊ اسلامي جمهوريا پاڪستان جي دفاع، سياسي نظرياتي ۽ معاشي استحڪام ۽ ترقي جي روشن علامت جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ جي پريڊ ۾ خاص طور تي دوست ملڪن سعودي عرب، ترڪي، سائوٿ آفريڪا ۽ چين جي فوجي جٿن جي پهريون ڀيرو شرڪت سڄي پاڪستاني قوم لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪاميابيءَ جو چٽو دليل آهي، هن چيو ته اها شرڪت ان ڳالهه جو پيغام آهي ته اسان جي گڏيل رشتي، سلامتي ۽ بچاءَ سان گڏ تعمير ۽ ترقي جي نون مرحلن ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، هن چيو ته اها ڳالهه ان کي ظاهر ڪري ٿي ته وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي نئين رستي هلي چڪي آهي، هن چيو ته اڄ قوم کي اهو پيغام به مليو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، قومي سلامتي، بچاءَ ۽ معاشي ترقي جي شعبي ۾ ثابت قدمي سان اڳتي وڌي رهي آهي، هن چيو ته مان اڄ جي پريڊ ۾ شريڪ دوست ملڪن جي فوجي جٿن پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ عوام کي دلي مبارڪ ڏيان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *