پاڪستان جي 42 ايئرپورٽن تي سڪيورٽي فورس جي کوٽ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) امن امان جي صويرتحال کي نظر ۾ رکندي اڪثر هنڌن تي سڪيورٽي تمام سخت ڪئي وئي آهي پر ايئرپورٽن تي سڪيورٽي اسٽاف جي ئي کوٽ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ گڏيل طور 42 ايئرپورٽ آهن جڏهن ته ضرورت جي ابتر اڌ انگ ۾ سڪيورٽي اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي، ايڪسپريس ٽربيون موجب ملڪ جي 42 ايئرپورٽن تي ايئرپورٽ سڪيورٽي اسٽاف (اي ايس ايف) کي لڳ ڀڳ 13559 اهلڪارن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته ضرورت موجب 24226 اهلڪار هجڻ گھرجن. اهلڪارن جي سڀ کان گھڻي کوٽ لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي آهي جتي وڌيڪ 1026 اهلڪارن جي ضرورت آهي جڏهن ته هِن وقت 2577 ماڻهن جي ضرورت جي ابتڙ هِن وقت مختلف پوسٽن تي رڳو 1551 اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن. اي ايس ايف هيڊ ڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ 1618 اهلڪار جڏهن ته  مختلف ايئرپورٽن تي ريجنل ڪمانڊرز جي 194 پوسٽون به خالي پيل آهن جڏهن ته هي سڀ تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن، سيوهڻ شريف، رحيم يار خان ۽ ڊيرا غازي خان ايئرپورٽ تي 164 ماڻهو مقرر ڪرڻ جي گنجائش آهي پر ايئرپورٽ اندر يا ٻاهر ڪو اهلڪار مقرر ناهي ڪيو ويو، پشاور ايئرپورٽ تي 593، ڪراچي 977، فيصل آباد 923، ڪوئيتا 810 ۽ ملتان ايئرپورٽ تي553 اهلڪارن جي کوٽ آهي. اهڙيءَ طرح پاڪ چين اقصادي راهداري منصوبي تحت وڌيڪ واڌ کائيندڙ گوادر ايئرپورٽ تي 479 اهلڪارن جي کوٽ آهي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *