اداڪاره اقرا عزيز ياسر خان سان مڱڻي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني ٽي وي اداڪاره اقرا عزيز ۽ اداڪار ياسر خان جي دوستي جا چرچا ته شوبز انڊسٽري ۾ ته هئا پر هاڻ اداڪار ياسر خان پاران شادي جي آڇ تي ها ڪري ڇڏي آهي. اقرا عزيز ۽ ياسر خان جي گهري دوستي جا چرچا ته عام هئا. پر ٻنهي طرفان ڪڏهن به محبت جو اظهار نه ڪيو ويو هو ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي جون پرڏيهه ۾ گهمڻ ڦرڻ واريون تصويرون به ميڊيا جون زينت بڻجنديون رهيون. جنهن کان پوءِ لڪس اسٽائل ايوارڊز ۾ اداڪار ياسر خان ٽي وي اداڪاره اقرا عزيز کي شادي جي آڇ ڪئي جيڪا هن فوري طور تي خوشي سان قبول ڪري ورتي ۽ ٻئي ڄڻا ان موقعي تي ڪافي گهڻو خوش به نظر آيا.ٻنهي ڄڻن جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ياسر خان تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪندي اداڪاره کي مڱڻي جي منڊي پارائي رهيو آهي. ٻئي طرف اداڪار ياسر خان جي طرفان شادي جي آڇ  واري انداز کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *