حڪمران نواز شريف کان ڊڄي رهيا آهن، سڀني کي جيلن ۾ وجهو پر خلق خدا جو آواز ڪيئن بند ڪندئو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سڀني کي جيلن ۾ وجهي رهي آهي پر خلق خدا جو آواز ڪيئن بند ڪندئو. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته حڪمران نواز شريف کان ڊڄي رهيا آهن، نااهل ۽ نالائق حڪومت کي هلائڻ لاءِ نواز شريف کي جيل ۾ وڌو ويو، ڪيترن شينهن کي جيلن ۾ وجهندئو، هر گهر مان شينهن نڪرندو، شينهن ڪنهن کان به اين آر او ناهن گهرندا، مسلم ليگ ن جا شينهن نواز شريف جي طاقت آهن، سڀني کي جيلن ۾ وجهو خلق خدا جو آواز ڪيئن بند ڪندئو. مريم اورنگزيب چيو ته راڻا ثناءَ الله کي گرفتار ڪري 15 ڪلو هيروئن وڌي وئي، راڻا ثناءَ الله وٽان هٿ آيل هيروئن جي ڪا به تصوير آهي نه ويڊيو، هاڻ چون ٿا شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف گرفتار ٿيندا، چور پي ٽي آءِ ۾ انڪري ويا آهن ته نيب جي نظر مٿن نه پوي، عمران صاحب! توهان نواز شريف جي نياڻي کان ڊڄو ٿا، عمران صاحب عليمه باجي ۽ جهانگير ترين کي اين آر او ڏنو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *