
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر ڪمپني ڪارگل پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪارگل ڪمپني جي هيڊ آف گلوبل اسٽريٽيجي ۽ چيئرمين ڪارگل ايشيا پيسفڪ ريجن مارسل اسمٽس جي سربراهي ۾ ڪارگل ايگريڪلچرل سپلائي چين جي صدر گرٽ جين ڊاين اڪر تي ٻڌل هڪ ايگزيڪٽو ٽيم ڪالهه وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين سينيئر حڪومتي آفيسرن سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران ڪمپني جي سيڙپڪاري منصوبن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪارگل ڪمپني ايندڙ ٽن کان پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ زرعي واپار، سپلائي چين، خوردني تيل، کير وارين شيئن، گوشت ۽ انيمل فيڊ جي مارڪيٽ ۾ 20 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم ڪمپني جي وفد کي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. رپورٽ موجب ڪارگل ڪمپني پاڪستان ۾ ڊيري انڊسٽري ۾ جدت آڻيندي ۽ ڪمپني جي ڄاڻايل سيڙپڪاري رٿا منصوبي سان پاڪستان ۾ گڏيل معاشي ترقي ۽ مقامي ملازمتن ۾ اضافو ٿيندو.