مهمند ڊيم جي ٺيڪي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو، پن سن جو پيسو اکيون ٻوٽي خرچيو پيو وڃي: شهباز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف مهمند ڊيم جي ٺيڪي تي هڪ دفعو ٻيهر ايوان جي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته وزيراعظم جي صلاحڪار رزاق دائود سان ڪو مسئلو ناهي، مهمند ڊيم جي ٺيڪي جي معاملي تي اسپيڪر رولنگ ڏي. هن چيو ته هتي سنگل بڊ تي 309 ارب رپين جو پروجيڪٽ ڏنو پيو وڃي، پيپرا رولز  چوي ٿو ته هڪ بڊ ٿي ته ٻيهر بڊنگ ڪرائي وڃي يا مارڪيٽ چيڪ ڪئي وڃي ته آفر مناسب آهي تنهن ڪري مطالبو ڪيان ٿو ته معاملي تي هائوس ڪميٽي جوڙي وڃي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته عوام ۽ پن سن جا پئسا اکين تي پٽيون ٻڌي خرچ ڪيا پيا وڃن، عوام جو پئسو ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي، عوام کي ڄاڻڻ جو حق آهي، اسان منصوبن ۾ اربين رپين جي بچت ڪئي. شهباز شريف مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *