آل رائونڊر محمد حفيظ ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽون وٺڻ ۽ سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو

دمبولا (اسپورٽس نيوز) آل رائونڊر محمد حفيظ ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽون وٺڻ ۽ سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي. آل رائونڊر سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ شاندار بالنگ ڪندي 4 آءِ لينڊرن کي پويلين موٽايو، جن مان ٽي کاٻڙيل بيٽسمين پڻ شامل هئا. حفيظ سريلنڪن اوپنر پريرا کي 26، ٿريماني کي 23، ٿرنگا کي 20 جڏهن ته دلشان کي 38 رنسن تي آئوٽ ڪيو. حفيظ 10 اوورن ۾ 41 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون. حفيظ بهترين سينچري اسڪور ڪندي 4 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 93 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي. ٻئي طرف پاڪستان خلاف پهرين ون ڊِي ۾ سريلنڪن بيٽسمين تلڪارتني دليشان ٽي ڀيرا آئوٽ ٿي نئين تاريخ لکي ڇڏي، ميچ جي چوٿين اوور ۾ دليشان فاسٽ بالر محمد عرفان جي بال تي وڪيٽن پويان سرفراز احمد هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، پر امپائر اهو نو بال قرار ڏئي سريلنڪن بيٽسمين کي فري هٽ ڏني، وري ايندڙ بال تي به دليشان وڏي هٽ لڳائڻ جي چڪر ۾ مڊ آف تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، پر فري هٽ واري قانون موجب کيس آئوٽ قرار نه ڏنو ويو، ٽيون ڀيرو دليشان 27 هين اوور ۾ 39 رنسون ٺاهي محمد حفيظ جي بال تي بولڊ ٿي ويو ۽ اهڙي ريت هڪ اننگز ۾ هو جملي طور 3 ڀيرا آئوٽ ٿي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *