ويمن ورلڊڪپ فٽبال ايوينٽ کٽيندڙ آمريڪي ٽيم جو شاندار استقبال

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ويمن ورلڊڪپ فٽبال ايوينٽ کٽيندڙ آمريڪي ٽيم جڏهن نيويارڪ پهتي ته ان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، نيويارڪ جي ميئر بل ڊي بلاسيو عورت رانديگرياڻين کي هيرو قرار ڏنو. نيويارڪ سٽي ۾ هزارن جي انگ ۾فٽبال شوقين گڏ ٿيل هئا ۽ پنهنجي ويمن فٽبال ٽيم جو آڌرڀاءُ ڪيائون، جن آمريڪا کي ورلڊڪپ ٽرافي ڏياري. عمارتن جي گيلرين ۾ موجود شوقينن کي آمريڪي عورت فٽبال ٽيم جون رانديگرياڻيون هٿ لوڏي سندن نعرن ۽ جوش جذبي جو جواب ڏينديون رهيون. نيويارڪ جي مئير طرفان ڏنيل مانجھاندي ۾ سڀ رانديگرياڻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميئر بل ڊي بلاسيو آمريڪي عورت ٽيم کي هيرو قرار ڏيندي چيو ته ان فائنل کي 27 ملين ماڻهن ڏٺو، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، ويمن ٽيم تاريخي راند جو مظاهرو ڪيو، هي اسان سڀني لاءِ فخر لائق ڳالهه آهي. ايوينٽ ۾ گولڊن بال حاصل ڪندڙ ڪارلي لائڊ  چيو ته فتح ڪوچن ۽ رانديگرن جي سخت محنت جو نتيجو آهي. اسان سڀني سٺي راند کيڏي، کٽڻ تي تمام خوشي محسوس ٿي رهي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *