آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش جي دوري جي شروعات ٽن ڏينهن واري ٽوئر ميچ سان ڪندي

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني بنگلاديش جو مختصر دورو ڪندي. جنهن ۾ هوءَ ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. آسٽريلوي ٽيم دوري جي شروعات بنگلاديش ڪرڪيٽبورڊ اليون خلاف ٽن ڏينهن واري ٽوئر ميچ سان ڪندي اها ميچ 3 کان 5 آڪٽوبر تائين خان صاحب عثمان علي اسٽيديم فتح الله ۾ کيڏي ويندي. بنگلاديش ۽ آسٽريليا وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 9 کان 13 آڪٽوبر تائين ظهور احمد چوڌري اسٽيديم چٽا گانگ جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 17 کان 21 آڪٽوبر تائين شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *