زمبابوي طرفان پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان

هراري (اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيت بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي هلندڙ مهيني پاڪستان خلاف شيڊول هوم سيريز ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو آهي. وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين رچمونڊ موتمبامي ۽ توري موز راباني جي ٻيهر ٽيم ۾ واپسي ٿي وئي آهي. ريجس چيڪبوا کي ناقص ڪارڪردگي سبب ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو آهي. يوسي اسيبانڊا به سليڪٽرن جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 2 ٽوئنٽي-20 ۽ ٽين هڪ ڏينهن واريون بين الاقوامي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. اعلان ڪيو اسڪواڊ ۾ ڪپتان ايلٽن چيگمبرا، سڪندر رضا، چامو چيڀاڀا ، گريم ڪريمر، ڪريگ ايرون، ليوڪ جونگوي، نيولي ميڊزيوا، هملٽن مسکڊزا، ڪرس موفو، رچمونڊ، توري، جان نيمبو، تناشي، پراسپرا وتيا، ميلکم والر ۽ سين وليمز شامل آهن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *