آرمي چيف جي چيني وزير اعظم سان ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

راولپنڊي/بيجنگ (اين اين آءِ) چيني قيادت پاڪستان جي خودمختياري سالميت، قومي سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪندي سي پيڪ منصوبي جي سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪاميابين جي ساراهه ڪئي آهي جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز علائقائي سيڪيورٽي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي چين جي دوري دوران چين جي وزيراعظم سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين چيف آف جنرل اسٽاف ۽ پرڏيهي وزيرن ملاقاتون ڪيون ملاقاتن دوران علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال سميت چئلينجز جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي پاڪستان ۽ چيني اڳواڻن پاڪ چين دوستي کي سدابهار قرار ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا جاري رهندا هنن پاڪ چين اقتصادي راهداري جي پڄاڻي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو چين جي سياسي ۽ عسڪري قيادت يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري سالميت قومي سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور حمايت ڪندو رهندو اڳواڻن ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جڏهن ته چيني اڳواڻن آرمي چيف سان ملاقاتن دوران پاڪستان جي چئلينجز کي چين جا چئلينجز قرار ڏنو. جڏهن ته چيني قيادت دهشتگردي خلاف بنا فرق جنگ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خاتمي جي سلسلي ۾ پاڪستان آرمي جي ڪاميابين جي ساراهه ڪئي جڏهن ته پاڪستان کي ان حوالي سان ڀرپور حمايت جو به يقين ڏياريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *