پاڪ آمريڪا لاڳاپا گذريل 15 سالن کان سخت متاثر ٿي رهيا آهن:آصف زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ايف-16 جهازن جي خريداري تي پاڪ آمريڪا تڪرار گڏيل لاڳواپن جي ڇڪتاڻ جي عڪاسي آهي هن چيو ته گذريل 15 سالن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا مشڪل حالتن مان گذري رهيا اهن هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ اهم جمهوري ملڪ آهي ۽ پاڪستان کي مستقبل ۾ هڪ وڏي طاقتور طور اڀرڻو آهي هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. ۽ آمريڪا پاڪستان جي سيڪيورٽي جي ضرورتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عملدارن کي لاڳاپن جي بهتري لاءِ قدم وڌائڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *