آئي سي سي وف جي وڏي وزير سان ملاقات، سيڪيورٽي معيار موجب ڏيڻ جي خاطري

ڪراچي (23 آڪٽوبر 2017): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ڪرڪيٽ جي دنيا جو مرڪز آهي، ڪرڪيٽ جي واڌ ۾ ڪراچيءَ جو مثالي ڪردار رهيو آهي. اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جي سڪيورٽي ڪنسلٽنٽ ريگ ڊڪسن سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ ڊي جي رينجرز محمد سعيد، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ کانسواءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو جنرل مينجر ارشد خان ۽ ڪرنل اعظم پڻ موجود هئا. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي پرڏيهي سڪيورٽي ڪنسلٽنٽ ريگ ڊڪسن وڏي وزير جي يقين ڏيارڻ کانپوءِ چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي ڪراچيءَ م ميچ ڪرائڻ جي منظوري ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچيءَ جي شهرين جو حق آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڏسن، ڪراچي شهر هاڻي پُرامن آهي، هتان جي شهرين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان دهشتگردن کي ڀڄايو آهي. هن آءِ سي سي جي پرڏيهي سڪيورٽي ڪنسلٽنٽ کي يقين ڏياريو ته سڀ ڪجهه اوهان جي معيار مطابق هوندو، اسٽڊيم ۾ اسان اوهان سان گڏ هونداسين. ان موقعي تي آءِ سي سي جي پرڏيهي سڪيورٽي ڪنسلٽنٽ ريگ ڊڪسن چيو ته اسان ڪرڪيٽ ٽيم جي سڪيورٽي جي معيار تي ڊي جي رينجرز، آءِ جي پوليس ۽ گهرو وزارت سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وڌيڪ يقين ڏياريندي وڏي وزير چيو ته ڪرڪيٽ ٽيمن کي ايئرپورٽ کان هوٽل، هوٽل کان اسٽيڊيم ۽ اسٽيڊيم کان پلي گرائونڊ تائين الڳ رستو فراهم ڪيو ويندو. واضح رهي ته ان سلسلي ۾ چيئرمين پي سي بي نجم سيٺي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي هئي ۽ انهيءَ ملاقات ۾ پاڪستان سپر ليگ جا چار ميچ ڪراچيءَ ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *