حمزا شهباز ڀاءُ آهي، ساڻس ڪي به اختلاف نه آهن، حمزا شهباز سان سندس ڪي به اختلاف نه آهن : مريم نواز

لاهور  (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز واضع ڪيو آهي ته سندس حمزه شهباز سان ڪوبه اختلاف ناهي نوازشريف جي قيادت ۾ اسان سڀ متحد آهيون، ۽ 2018 ۾ نوازشريف وزيراعظم ٿيندو، شريف فيملي ۾ اختلافن جو خبرون ويهن سالن کان ٻڌي رهيا آهيون، مخالفن وٽ جڏهن ڪابه ڳالهه  نه هوندي آهي ته بس افواهه ڦهلائيندا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذڙيل ڏينهن تڪ اين اي 120 جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائنيدي ڪيو، مريم نواز چيو ته تڪ ۾ ترقياتي ڪم جھڙي طرح ٿيڻ گھرجن هان هاڻِي تيئن ٿيندا ان حوالي سان  مان پاڻ انهن شين جي سرپرستي ڪنديس، نوازشريف جي پرڏيهه مان وطن واپس اچڻ جي سوال تي مريم نواز چيو ته نوازشريف وطن واپس اچي رهيو آهي ۽ ان لاءِ هو اتان هليو آهي، هن چيو ته مسلم ليگ نون پهريان کان متحرڪ آهي ۽ ان جي خلاف جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي  اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته نون ليگ سڀکان وڌيڪ متحرڪ آهي. حمزه شهباز سان اختلاف جي حوالي سان مريم نواز چيو ته الله نه ڪري ته اسان ۾ ڪو  اختلاف ٿئي تنهن ڪري اهڙين خبرن ۾  ڪا به صداقت ناهي، هو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي ان سان ڪو اختلاف ناهي ان کان اڳ مسلم ليگ نون  جي اڳواڻ مريم نواز تڪ اين اي 120 ۾ مزنگ جي علائقي ۾ پهتي جتي ڪارڪنن سندس آجيان ڪئي.مريم نواز علائقي واسين  سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *