ڪوئٽه(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ رانديگر جاويد ميانداد ميڊيا سان ڳالهائيندي، چيو ته آءِ سي سي پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي تباه ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي تباهي جو ڪارڻ سياسي مداخلت به آهي، ان جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ کيڏڻ وارا ئي پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٺيڪ ڪري سگهن ٿا،بلوچستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪمي نه آهي، پر ضرورت صرف انهن کي اڳيان آڻڻ جي آهي.