ڪترينه ڪيف جي جاءِ تي شرڌا ڪپور کي ويٽ ايمبيسڊر طور تبديل ناهي ڪيو ويو: ڪمپني

ممبئي(شوبز نيوز) ويٽ ڪمپني جي ترجمان چيو آهي ته بالي ووڊ اداڪاره ڪترينه ڪيف جي جاءِ ي شرڌا ڪپور کي ويٽ ايمبسيڊر طور تبديل ناهي ڪيو ويو. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ويٽ ڪمپني جي ترجمان چيو آهي ته اداڪاره شرڌا ڪپور اشتهاري مهم جو حصو آهي پر ڪترينه ڪيف لڳاتار ويٽ ايمبسيڊر ٿي آهي. هن چيو ته ميڊيا ان ڳالهه کان چڱيءَ ريت آگاهه آهي ته شرڌا ڪپور کي اشتهاري مهم لاءِ رکيو ويو آهي ۽ کيس ڪترينه ڪيف جي جاءِ تي تبديل ناهي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *