سني ليون جي نئين فلم ”ايڪ پهيلي ليليٰ“ رليز جي تيارين ۾

ممبئي (شوبز نيوز) سني ليون جڏهن بگ باس کان پوءِ بالي ووڊ ۾ پير پاتو هو تڏهن سندس جاندار شخصيت ۽ خوبصورتيءَ بالي ووڊ جو ماحول گرمائي ڇڏيو هو، سني ليون هميشه ڪنهن نه ڪنهن طريقي ميڊيا جي نظرن ۾ رهي آهي، جڏهن ته ميڊيا پاران سندس فلمن جي ڪري به کيس ڪوريج ملندي رهي آهي. هن ڀيري ويلنٽائين ڊي تي پڻ ساڳي صورتحال آهي، سني ليون جي نئين فلم ”ايڪ پهيلي ليليٰ“ به رليز جي تيارين ۾ آهي، سني ليون سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ويلنٽائين ڊي بابت ڪجھه تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ هوءَ پنهنجي مڙس ڊنيئل ويبر سان سڪيٽنگ ڪندي نظر اچي رهي هئي، هن لکيو ته مڙس سان لمحا گذاريندي تمام مزو اچي رهيو آهي، ان دوران هن وڊيوز به شيئر ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *