ڀارت ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي، راحت فتح علي

ڪراچي(شوبز نيوز) ڪراچي ۾ هڪ تقريب جي دوران  ڪراچي جي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راحت فتح علي خان ٻڌايو ته ڪراچي ۾ آفيس کولڻ  جو مقصد ڪامياب ٿيندو نظر اچي ٿو، ڪراچي جي عوام جي وچ ۾ هفتي تائين رهيو آهيان ۽ محبتون ونڍيون، اڄ ٻيهر آيو آهيان ۽ هتي جي عوام منهنجي ڳائڻ جي انداز کي گهڻو پسند ڪندا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ راحت فتح علي خان جو چوڻ هو ته ايندڙ سال ڀارت جي ٽن  سپر اسٽارز جي فلمن ۾ منهنجا گانا ٻڌڻ لاءِ ملندا، ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ اڪشي ڪمار جي ايندڙ نئين فلمن ۾ منهنجا گانا شامل آهن، مون کي ڀارتي فلم ڊائريڪٽرن وڏي عزت ڏني آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو نالو پنهنجي فن جي ذريعي روشن ٿيندو ڏسي خوشي ٿيندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *