مصباح ٽيسٽ، آفريدي ٽي ٽوئنٽي ۽ اظهر علي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان مقرر

لاهور(اسپورٽس نيوز) مصباح الحق ٽيسٽ، شاهد آفريدي ٽي ٽوئنٽي ۽ اظهر علي ون ڊي ميچن لاءِ قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر جڏهن ته سرفراز احمد ون ٽيم جو نائب ڪپتان هوندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ هو ته مصباح الحق ۽ شاهد آفريدي قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻنهي رانديگرن ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مصباح ٽيسٽ جڏهن ته شاهد آفريدي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رهندو ان کان علاوه هو يونس ان کي به قدر جي نظر سان ڏسي ٿو ڇو ته هو ڊسپلين جي حوالي سان انتهائي لاجواب انسان آهي يونس خان رٽائر نه پيو ٿئي جنهن تي ان کي ڏاڍي خوشي آهي،  شهريار خان جو چوڻ هو ته ميگا ايونٽ ۾ اسان جي فٽنيس عالمي معياري جي ٻين ٽيمن جي مقابلي ۾ نه هئي اسان هاڻ پنهنج يٽيم کي ٻيهر ٺاهي رهيا آهيون ان لاءِ اظهر علي کي ون ڊي فارميٽ ۾ قومي ٽيم جو نئون ڪپتان بڻايو آهي هونئن ته هو ورلڊ ڪپ ۾ ون ڊي ٽيم جو حصو نه هو جڏهن ته ان جي ڊسيپلين کي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو آهي  هن چيو ته اظحر علي قومي سطح تي ثابت ڪيو آهي هت هو سٺو ڪپتان به ثابت ٿي سگهي ٿو جڏهن ته سرفراز احمد پاڻ کي مڃرايو آهي ته هو مشڪل حالتن ۾ پنهنجي صلاهيتن جو مظاهرو ڪري سگه يٿو ان لاءِ هن کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *