هڪ ٽي وي چينل غلط فهمي ۾ غلط خبرون هلايون آهن : سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ خان سلمان خان هڪ ڪوڙي واٽس ايپ ميسيج تي ممبئي پوليس جي ڪمشنر کي شڪايت ڪئي آهي، سلمان خان جي ويجهن ذريعن موجب هڪ ڪوڙي واٽس ايپ ميسيج ۾ سلمان خان جي تصوير لڳائي اهو چيو ويو آهي ته ”سلمان خان کي اويسي جي حامي مسلمانن جي حمايت جي ضرورت نه آهي ۽ بجرنگي ڀائي جان مسلمانن جي حمايت کان سواءِ  ئي هٽ ٿي ويندي“ جنهن تي سلمان خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪوڙي واٽس ايپ ميسيج پوليس کي شڪايت ڪري ڇڏي ۽ چيو ته هن ڪڏهن به اهڙو بيان نه ڏنو آهي ۽ هڪ ٽي وي چينل غلط فهمي ۾ غلط خبرون هلايون آهن. بالي ووڊ پنڊتن موجب فلم بجرنگي ڀائي جان  17 جولاءِ تي رليز ٿي رهي آهي ان ڪر ي اهڙا مسئلا فلم جي رليز ۾ رڪاوٽ وجهي سگهن ٿا ۽ اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *