بالي ووڊ جي ٻن ستارن شاهه رخ ۽ اجي ويوگن  وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ ختم

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارن شاهه رخ ۽ اجي ويوگن  وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ ختم ٿيڻ بابت خبرون گردش هيٺ آهن، پنهنجي ڪيريئر جي شروعات کان ئي سرد جنگ ڪندڙ ٻنهي اداڪارن وچ ۾ دوستي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. فلمي ذريعن موجب شاهه رخ ۽ اجي ديوگن کي پهريون ڀيرو گڏ ڏٺو ويو ۽ انهن بلغاريا جي هڪ ريسٽورينٽ ۾ گڏجي ماني کاڌي. شاهه رخ خان ۽ اجي ديوگن وچ ۾ سرد جنگ جي شروعات سال 1994ع جي فلم ڪرن ارجن تان ٿي هئي، جنهن ۾ پهرين  اجي ديوگن ۽ شاهه رخ گڏ اچڻا هئا پر بعد ۾ اجي جي جاءِ تي سلمان کي کنيو ويو هو، جنهن جو ذميوار اجي ديوگن پاران شاهه رخ کي قرار ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ شاهه رخ ۽ اجي وچ ۾ دوستي يا وري ميل ملاقات نه ٿي هئي. انڊسٽري ۾ شاهه رخ جي سڀ کان سٺي دوست ڪاجول کي مڃيو ويندو آهي پر اجي جي ڪاجو ل سان شادي به ٻنهي اداڪارن جي دوستي لاءِ ڪردار ادا نه ڪيو، ڪجهه سال پهرين به ٻنهي اداڪارن هڪٻئي جي فلم جي رليز تي سخت بيان ڏنا هئا پر هاڻي لڳي ٿو ته وقت بدلجي ويو آهي ۽ ٻئي اداڪار دوست ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *