هرڀجن سنگهه پاران بالي ووڊ اداڪاره گيتا بسرا سان شادي جو فيصلو

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽي جي آف اسپنر هرڀجن سنگهه ۽ بالي ووڊ اداڪاره گيتا بسرا شادي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ڀارتي ميڊيا مطابق هرڀجن سنگهه ۽ گيتا بسرا هلندڙ مهيني شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا ۽ ان لاءِ ٻنهي شادي جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن هرڀجن ۽ گيتا بسرا جي دوستي جا چرچا ڪافي عرصي کان عام آهن ۽ اڪثر ٻنهي کي گڏجي ڏٺو ويو آهي جڏهن ته بالي ووڊ اداڪاره اڪثر انهن ميچن ۾ نظر ايندي آهي جن ۾ هرڀجن سنگهه کيڏندو آهي جڏهن ته ٻئي پنهنجن ويجهن لاڳاپن جي حوالي سان هميشه انڪار ڪندا رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *