اسيمبلي ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ آمراڻي سوچ جا مالڪ آهن: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير نثاراحمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجن ميمبرن تي اعتماد نه آهي اسيمبلي ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ آمراڻي سوچ جا مالڪ آهن، ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته عمران خان اسيمبلي ٽوڙڻ جي ڌمڪلي ڏيئي پرويز مشرف جي پيروي ڪئي هارس ٽريڊنگ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان اندروني طور ڪمزور آهي نثارکهڙو چيو ته سينيٽ چونڊون پرامن ۽ شفاف ماحول ۾ ٿي رهيون آهن سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي  جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا نثار احمد کهڙو چيو ته ڄام مدد جي وڪيٽ بائونسر سان نه پر ڏيڍ سال جدوجهد سان ڪيري وڌي سين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *