”ميري ڪوم“ منهنجي دل جو ٽڪرو آهي: پريانيڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته ”ميري ڪوم“ منهنجي دل جو ٽڪرو آهي ۽ ان فلم کي ڪامياب ڪرائڻ تي هو پنهنجي دوستن ۽ خاندان جي تمام گھڻي ٿورائتي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ”ميري ڪوم“ منهنجي دل جو ٽڪرو آهي، هن چيو ته جڏهن توهان جو ڪو ڪم مختلف ڪندا آهيو ۽ جڏهن ان جو صلو ملندو آهي ته اوهان کي تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي ۽ اهو ئي حال منهنجو به آهي، هن چيو ته ان فلم کي بهترين مشهوري فلم جو ايوارڊ منهنجي لاءِ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي، پريانڪا چيو ته ان فلم جي ڪاميابيءَ تي مان پنهنجي خاندان ۽ دوستن سان گڏوگڏ سموري ٽيم جي به تمام گھڻي ٿورائتي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *