فلم ”رئيس“ ۾ شاهه خان ”نواز الدين صديقي“ نالي ڊون جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي جواني واري عمر ۾ پنهنجي باڊي لاءِ ايترو پرجوش نظر نه ايندو هو، پر هاڻي جڏهن سندس عمر 50 سالن تي اچي پهتي آهي ته کيس سلو ڀائي جيان پنهنجي باڊي ۽ سڪس پيڪس جي ڳڻتي ورائي وئي آهي، ان ڏس ۾ شاهه رخ خان پنهنجي نئين فلم ”رئيس“ لاءِ گهڙيل سڪس پيڪس مداحن کي ڏيکاري چيو آهي ته اوم شانتي اوم ۽ هيپي نيو ايئر واري لڪ کان وڌيڪ بهتر آهي. راهول ڍولڪيا جي فلم ”رئيس“ ۾ شاهه خان ”نواز الدين صديقي“ نالي ڊون جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هن سان گڏ پاڪستان جي اداڪار ماهرا خان اچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *