منهنجيون سڀ ڪاميابيون خدا جي ذات بعد منهنجي والده جي ڪري آهن؛ ساره رضا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڳائڻي ساره رضا خان چيو آهي ته منهنجيون سڀ ڪاميابيون خدا جي ذات بعد منهنجي والده جي ڪري آهن، اڄ مون کي جيڪا عزت ۽ مقام مليو آهي ان تي سندس ٿورا ٿي مڃان، ساره خان چيو ته پاڻ کي خوش قسمت ٿي سمجھان جو ننڍي عمر ۾ اها عزت ۽ مشهوري نصيب ٿي آهي، جنهن لاءِ ماڻهو سالن کان خواهش ڪندا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي محبت رڳو پنهنجي ماءُ ۽ پاڪستان سان آهي، هن وڌيڪ چيو ته موسيقيءَ جي واڌاري ۾ حڪومت سان پرائيويٽ سيڪٽر کي ملي ڪم ڪرڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *