سي بي آءِ کي جيان خان جي ڳجهي موت بابت ٻن سي ڊيز سميت اهم ثبوت ملي ويا، جاچ کي نئون رُخ ملي سگهي ٿو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره جيا خان جي ڳجهي موت بابت نوان ثبوت ملي ويا جيڪي ڪهاڻيءَ کي نئون رُخ ڏئي سگهن ٿا. ذريعن موجب ڀارت جي سينٽرل بورڊ آف انويسٽيگيشن جيا خان بابت ٻه سي ڊيز ۽ ٻيا ثبوت مليا آهن جيڪي جيا خان جي ڳجهي آپگهات بابت نوان راز کولي سگهن ٿا. 25 سالن جي جيا خان 2007ع ۾ بالي ووڊ ۾ امتياڀ بچن سان گڏ ڪم ڪندي فلم ۾ قدم رکيو هو. هوءَ آمريڪي شهري هئي، جون 2013ع تي هو پنهنجي فليٽ ۾ مسئل حالت ۾ ملي. جڏهن ته سندس آپگهات بابت هڪ خط سندس ڪمري مان مليو، جيا جي ماءُ مطابق خط جيا جو لکيل نه هو. سي بي آءِ گذريل سال آگسٽ ۾ ان ڳالهه جي جاچ شروع ڪئي ته جيا خان جو موت آپگهات هو يا قتل. سي بي آءِ جي ذريعن مطابق ان جي باري ۾ اهم ثبوت مليا آهن جن ۾ ٻه سي ڊيز شامل آهن. سي ڊيز کي سينٽرل فورنزڪ ليبارٽري موڪليو ويو آهي جيا جي والده مطابق سندس ڌيءُ جو پسٽ مارٽم پڻ اصل ڏوهارين کي بچائڻ لاءِ صحيح طريقي سان نه ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *