ممبئي هاءِ ڪورٽ دپيڪا پڊوڪون جي گرفتاري 16 مارچ تائين روڪي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) ممبئي هاءِ ڪورٽ تڪراري ڪاميڊي شو اي آءِ بي روسٽ ۾ شرڪت ڪرڻ تي دپيڪا جي گرفتاري 16 مارچ تائين روڪي ڇڏي تڪراري شو ۾ شرڪت سبب دپيڪا خلاف پونا ۽ ممبئي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي دپيڪا جي وڪيل ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ وضاحت پيش ڪندي چيو ته دپيڪا شو ۾ حصو ناهي ورتو هوءَ صرف تماشائي طور تي شريڪ هئي، جيڪو ڪو ڏوهه ناهي، عدالت عذر قبول ڪندي اداڪاره جي گرفتاري 16 مارچ تائين روڪي ڇڏي تڪراري اي آءِ بي روسٽ ۾ ڪرن جوهر، ارجن ڪپور ۽ رنوير سنگهه حصو ورتو هو انهن ٽنهي مبينا طور تي غلط زبان جو استعمال ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *