فواد خان هاڻ ويرات ڪوهلي جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي(شوز نيوز) بالي ووڊ نگر ي ۾ شهرت حاصل ڪندڙ پاڪستاني اداڪار فواد خان هاڻ نئين فلم ۾ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جو ڪردار ادا ڪندو ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ ڊائريڪٽر نيرج پانڊي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ فواد خان کي ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ فواد خان ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندو جڏهن ته فلم جي ٻين اداڪارن ۾ تيليگو اسٽار رام چرن تيجا، جان ابراهم، آفتاب شوڌساني ۽ عاليه ڀٽ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *