فيض احمد فيض جي 100 هين سالگره جون تقريبون 14 فيبروري کان شروع ٿينديون

لاهور(شوبز نيوز) انقلابي شاعر فيض احمد فيض جي 100 هين سالگره جي حوالي سان تقريبن جو سلسلو 14 فيبروري کان شروع ٿيندو. ان سلسلي ۾ مرحوم جي ڳوٺ واقع ڪالا قادر (نارروال) ۾ مشاعري جي محفل ٿيندي. 14 فيبروري جي ڏينهن ٿيندڙ ان مشاعري ۾ مقامي ۽ لاهور جا ناميارا شاعر حصو وٺندا ان کان علاوه ريڊيو ۽ ٽي وي چئنلن تان فيض احمد فيض جي حوالي سان خاص پروگرام نشر ڪيا ويندا. نارروال ۾ ٿيندڙ مشاعري جي صدارت منيزه هاشمي ۽ سليمه هاشمي ڪنديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *