نواب شاهه ڀرسان وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ فوت، 15 ڄڻا زخمي

نوابشاھ (ڊ.ر) نوابشاھ دوڙ روڊ جي چوڌري جميل اسٽاپ ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ ڪنڊيارو کان نوابشاھ ايندڙ تيز رفتار وين جو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا، انهن مان هڪ موٽر سائيڪل سوار 27 ورهين جو شوڪت علي خاصخيلي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 14 زخمين 16 ورهين جي مهڪ شيخ، 55 ورهين جي زاهده،  ورهين جي زينب شيخ،  75 ورهين جو نظام الدين ڀريا روڊ واسي آهي، 44 ورهين جو محمد عهد آرائين ڀريا روڊ، 22 ورهين جي ذڪيه عزيز ميراثي، دوڙ، 21 ورهين جو عمران ڪراچي، 27 ورهين جو شفيع محمد بروهي ، 22 ورهين جو اعظم حسين کوکر، ٻانڌي جا، 23 ورهين جو محمد ارشاد ملڪ نوابشاھ، موٽر سائيڪل سوار 25 ورهين جو راشد خاصخيلي ڳوٺ جمال شاھ، 22 ورهين جي ريما ڪيريو، 21 ورهين جي شازيه ڪيريو، 20 ورهين جي عنوا عزيز، ميراثي، ٽئي جا رهواسي آهن، زخمين جو چوڻ آهي ته ٻه وينون تيز رفتاري سان هڪ ٻئي کان اڳ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هئيون ته اچانڪ موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو ۽ وين ڪلٽي ٿي پئي، جڏهن ته ٽريفڪ پوليس جي طرفان ڪا به سختي يا قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوبه هتي سزا جو عمل بند آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *