فلم شڌي اميش ٿرپاٺيءَ جي ڪتاب تي ٻڌل نه پر مختلف موضوع تي ٺهيل آهي:ورن

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار رون ڌون پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”شڌيءَ“ بابت چيو آهي ته فلم بابت جيڪي ڳالهيون ٿي رهيو آهن ته فلم ليکڪ اميش ٿرپاٺيءَ جي ڪتاب ”امورشلز آف ملوحا“ جي موضوع تي ٺاهي وئي آهي، اهي سڀ ڳالهيون غلط آهن، هن فلم جي مشهوري تقريب ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته فلم اميش ٿرپاٺيءَ جي ڪتاب تي ٻڌل نه پر مختلف موضوع تي ٺهيل آهي. ياد رهي ته ڀارت جي مشهور ترين فلسماز ڪرن جوهر جي هدايتن ۾ ٺهندڙ شُڌي ۾ سڀ کان پهريان اداڪار ريتڪ روشن ۽ ڪرينا ڪپور خان کي چونڊيو هو، جن جي جواب کان پوءِ دبنگ اسٽار سلمان خان کي ان فلم جي هيرو طور سائن ڪيو ويو هو، پر ان جي به جواب کان پوءِ آخرڪار ڪرن جوهر اداڪار ورن ڌون سان رابطو ڪيو ۽ کيس فلم جي لاءِ سائين ڪيو. فلم 19 جون تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *