ايشوريا ، دپيڪا ۽ سوناڪشي کانپوءِ هاڻ وديا بالن به رجني ڪانت سان عشق جا پيچ اڙائيندي

ممبئي(شوبز نيوز)ايشوريا راءِ، دپيڪا پدوڪون ۽ سوناڪشي سنها کانپوءِ هاڻ بالي ووڊ جي اولالا گرل وديا بالن به اسڪرين تي ليجنڊ اداڪار رجني ڪانت سان عشق جا پيچ اڙائيندي نظر ايندي، ڀارتي ميڊيا مطابق ناليوارو تامل هدايتڪار پي اي رجنيٿ نئين فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار رجني ڪانت نڀائيندو، جڏهن ته سندس هيروئن طور وديا بالن کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ڪروڙين رپين جي خرچ سان ٺهندڙ اها فلم تامل سان گڏ هندي ٻولي ۾ به رليز ڪئي ويندي. واضح رهي ته 64 ورهين جو رجني ڪانت ڏکڻ ڀارت ۾ ڪنهن به فلم جي ڪاميابي جي ضمانت سمجهيو وڃي ٿو، وديا بالن کان پهرين ايشوريا راءِ، دپيڪا پدوڪون ۽ سوناڪشي سنها به ساڻس گڏ ڪم ڪري چڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *