فلم ”برادرز“ هالي ووڊ فلم ”واريئر“ جو سيڪوئل آهي:ڪرن جوهر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي فلم ميڪر ڪرن جوهر چيو آهي ته فلم ”برادرز“ هالي ووڊ فلم ”واريئر“ جو سيڪوئل آهي، ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪرن جوهر چيو ته اسان ”برادرز“ بابت ڪافي پرجوش آهيون، ان فلم کي مان ۽ ڪرن ملهوترا گڏجي ڊائريڪٽ ڪري رهيا آهيون، پر اهڙي فلم جي هدايتڪاري منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، هن چيو ته فلم ۾ مارشل آرٽ جي شاندار پرفارمنس ڏيکاري وئي آهي ۽ مان مارشل آرٽس جي ”الف، بي“ کان به اڻڄاڻ آهيان، مان مڃان ٿو ته ڪرن ملهوترا شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته شوقين ان فلم ۾ اڪشي، سڌارٿ، جيڪي ۽  جيڪولين فرنينڊس کي اهڙي انداز ۾ ڏسندا جيڪو هنن پهريان ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *