اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ سڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران 30 دهشتگرد مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ سڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران 30 دهشتگرد مارجي ويا، فورسز علائقي ۾ دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ پيش قدمي جاري آهي.  سڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي. فورسز اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز ۾ چڪريون ٿي پيون. ذريعن موجب، چڪرين جي نتيجي ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ اهم ڪمانڊر پڻ شامل آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز جي علائقي ۾ پيش قدمي جاري آهي ۽ دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *