شروتي هاسن فلم ”مين گبر“ ۾ پنهنجي ڳايل گاني تي پرفارم ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي فلم انڊسٽري جي سينيئر اداڪار ڪمل هاسن جي ڌيءَ اداڪاره شروتي هاسن نئين فلم ”مين گبر“ ۾ ڳائڻي طور به پنهنجين صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ تيار آهي ۽ هوءَ فلم ۾ پنهنجي هيرو اڪشي ڪمار سان گڏ پنهنجي ئي ڳايل گاني تي پرفارم ڪندي هلندڙ سال جا اڃان صرف ٻه مهينا ئي گذريا آهن ته شروتي هاسن جون فلمي مصروفيتون وڌي ويون آهن شروتي وٽ پهريان ئي هندي ۽ سائوٿ جون 6 فلمون آهن ۽ ان سان گڏوگڏ ڳائڻ جي ميدان ۾ به بهترين انداز ۾ پير ڄمايا آهن جڏهن ته ان کان اڳ به هوءَ ٻن فلمن لاءِ ٻه گانا ڳائي چڪو آهي جن مان هڪ جوگنيا فلم تيور ۾ ۽ سناٽا فلم شميتاڀ ۾ ڳائي چڪي آهي هاڻ هوءَ هلندڙ سال پنهنجي ٽئين گاني جي تياري ۾ آهي جنهن کي رليز ڪيو ويندو ۽ هن ڀيري هوءَ پنهنجي نئين فلم مين گبر ۾ اڪشي ڪمار سان پنهنجو گانو جاري ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *