سونم ڪپور ۾ سوائن فلو جي تصديق کان پوءِ دبنگ خان به خوف جو شڪار

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا جي مطابق اداڪار سلمان خان ڀارتي رياست گجرات جي شهر راج ڪوٽ ۾ فلم” پريم رتن ڌن پايو” جي شوٽنگ ۾ مصروف هئا ته ان دوران فلم جي هيروئن سونم ڪپور جي طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري اسپتال آندو ويو جتي ان جون ڪجهه ٽيسٽون ٿيون جنهن ۾ ان کي سوائن فلو جي تصديق ٿي، جنهن کان پوءِ سونم ڪپور کي اسپتال داخل ڪيو ويو، جڏهن ته فلم جي شوٽنگ به روڪي وئي. رپورٽ جي مطابق سونم ڪپور جي ٽرينر به سوائن فلو  سبب اسپتال ۾ داخل آهي، جنهن جي ڪري سلمان خان پنهنجي صحت جي حوالي سان تمام پريشان ڏسڻ ۾ آيو ۽ ان اسپتال وڃي ان حوالي سان ڪجهه ٽيسٽون ڪرايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *